جرح و تعديل

جرح و تعديل: علم حديث ۽ فقه جو هڪ اصطلاح، جرح جي معنيٰ آهي: تنقيد ڪرڻ، عيب ڪڍڻ ۽ تعديل جي معنيٰ آهي سچو ۽ قابل اعتبار ثابت ڪرڻ. علم حديث جي اصطلاح ۾ هن جي معنيٰ آهي: حديث جي راوين جي معتبر ۽ غير معتبر هجڻ جي تحقيق ڪرڻ، فقه جي اصطلاح ۾ هن جي معنيٰ آهي: اعتبار جوڳين ۽ غير معتبر روايتن بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ. حديث جي راوين جي پرک نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي زماني کان ئي شروع ٿي چڪي هئي، پر ان کي فن جي صورت پوءِ ملي. حديث جي هن فن ۾ جن خدمتون سرانجام ڏنيون، تن ۾ اهل بيت ڪرام، حضرت بن عبدالله الانصاري'>جابر بن عبدالله الانصاري، حضرت ابن عباس، انس بن مالڪ،شعبي ابن سيرين، امام مالڪ، ابن المبارڪ، ابن عينيه، عبدالرحمٰن ابن المهدي ۽ يحيٰ بن معين شامل آهن. امام احمد بن حنبلرضه جي دؤر ۾ ’اسماءَ رجال‘ (ماڻهن جي نالن) جو فن پنهنجي عروج تي هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو